ساوڙي ڍنڍ

ساوڙي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ نوشهري فيروز ضلعي، تعلقي موري جي ڳوٺ ساوڙيءَ ويجھو آهي، جيڪا ايراضيءَ ۾ چورس چئن ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. ڍنڍ جي ڀرسان بهرام شاهه جو تاريخي قبرستان به آهي. هيءَ ڍنڍ، تپي ۽ سرڪل ساوڙيءَ جي حدن ۾ آهي.
هيءَ ڍنڍ سهڻي ڍوري (سهڻي درياهه، جنهن کي ڪي محقق ’هاڪڙو‘ به لکن ٿا) جي ڦٽڻ کانپوءِ وجود ۾ آئي آهي. هي ڍورو ساوڙيءَ کان ڏکڻ ۾ آهي. هن ڍنڍ جي ويجھو ٻيا به ڍورا آهن، جهڙوڪ: جارجاڻي، سن، هرٻيجي، آمڙجي ۽ ساوڙي آهن. ساوڙي ڍنڍ کي ڪتابن ۾ ’سانوري‘، ’ساوتري‘ ۽ ’ساوندري‘ به لکيو ويو آهي. هتي هڪ مشهور پتڻ به هو، جنهن کي اڃا به ماڻهو ’ميهار جي پتڻ‘ سان ياد ڪندا آهن. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکي جام ٿيندا آهن.


لفظ ساوڙي ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو